چڱي چال جي ڪرامت

چڱي چال جي ڪرامت (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل آهي، جنهن جا ٻه ڀاڱا شايع ٿيل آهن. ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين ۾ 717 صفحا آهن جنهن جي قيمت هڪ روپيو اٺ آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون اداره قليچ حيدرآباد سال 1953ع ۾ ڇپايو. ڪتاب جو ٻيو حصو ڪرائون سائيز ۾ آهي، جنهن ۾ 174 صفحا آهن. ۽ قيمت 2 رپيا رکيل آهي. اماميه اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد مان سال 1953 ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو